اومي ڪرون ڪيسن ۾ واڌ، سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون جو اشارو ڏئي ڇڏيو

سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي ”اومي ڪرون“ قسم جي ڪيسن ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي ۽ ڪيسن جي انگ ۾ واڌ جي جائزي کان پوءِ لاڪ ڊائون لڳائي سگھجي ٿو.

ڪراچي جي شهباز بلڊنگ ۾ اجلاس جي صدارت کان پوءِ سنڌ جي صحت بابت وزير صحافين کي ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اومي ڪرون جا 170 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جڏهن ته گڏيل طور تي 500 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته وائرس جي پکيڙ ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

هن ان خدشي جو اظهار ڪيو ته جنهن رفتار سان ”اومي ڪرون“ جا ڪيس وڌي رهيا آهن انهن ۾ ايندڙ ٻن مهينن دوران وڌيڪ واڌ ٿيندي.

عذرا پيچوهو چيو ته فوري طور تي لاڪ ڊائون نه لڳايو ويندو، لاڪ ڊائون اسپتالن ۽ شهرن ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪيو ويندو.

هن چيو ته پرڏيهه سفر ڪندڙن جي اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي ۽ جن ماڻهن 6 مهينا اڳ ويڪسين لڳرائي هئي انهن کي بوسٽر شاٽس جي هدايت ڪئي پئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته ڪووڊ 19 کي هاڻي رهڻو آهي، اها بيماري اسان جي زندگي جو حصو بڻجي چڪي آهي ۽ هاڻ اها ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ موجود رهندي.

صوبائي وزير جو چوڻ هو ته خانگي اسڪولن ۾ ويڪسينيشن جي شرح 80 کان 90 سيڪڙو آهي پر سرڪاري اسڪولن اسڪولن جا انگ اکر حوصلو ڏيندڙ نه آهن.

عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته والدين کي پنهنجي 12 ورهين کان وڌيڪ عمر جي ٻارن کي ويڪسين لڳرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.

هن چيو ته ضلعي ۽ تعلقن جي اسپتالن کي وڏين اسپتالن سان سلهاڙڻ سان ڪم ۾ بهتري آئي آهي. گڏ ئي هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حفاظتي قدم نه کنيا ويا ته هيپاٽائٽس به پکڙجي سگھي ٿو.

صوبائي وزير چيو ته ٿرپارڪر ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي حڪومت جو ڌيان آهي ۽ تسليم ڪيو ته سرڪاري اسپتالن جي انتظامن ۾ بهتري جي ضرورت آهي.

سندس چوڻ هو ته پوليو جي خلاف سنڌ نيشنل اميونائزيشن مهم هن مهيني شروع ڪئي ويندي، پوليس مهم جي 95 سيڪڙو هدفن کي حاصل ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ آخري پوليس ڪيس جولاءِ 2020ع ۾ رپورٽ ٿيو هو.

صحت بابت سنڌ جي وزير چيو ته سنڌ ۾ پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار جي ڪيسن ۾ گھٽتائي اچي چڪي آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته جلد سنڌ پوليو فري صوبو هوندو.

Read Previous

ماڻهو وڏن گهرن ۾ رهن ٿا، وڏيون گاڏيون هلائين ٿا، پر ٽيڪس نٿا ڏين: شوڪت ترين

Read Next

مدني مسجد جي هڪ اينٽ ٽوري نٿو سگهي : جمعيت علماء اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو

Most Popular