پنجاب حڪومت مڪاني چونڊن کان اڳ سرڪاري ادارن ۾ خالي جڳهيون ڀرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

پنجاب حڪومت مڪاني چونڊن کان اڳ سمورن سرڪاري ادارن ۾ خالي جڳهيون ڀرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب تحريڪ انصاف پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان حوالي سان منصوبه بندي به فائنل ڪئي وئي آهي.


وڏي وزير مڪاني ادارن جي ايڊمنسٽريٽر کي اسيمبلي ميمبرن سان ملي فنڊز استعمال ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ اعجاز چوڌري جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ تنظيم تي سخت تنقيد ڪئي وئي جڏهن ته اعجاز چوڌري طرفان به ناراضگي جو اظهار به سامهون آيو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ٿيو ته پارٽي جي تنظيم ۾ پهريان عهدن تي رهندڙن جي بجاءِ نون ماڻهن کي سامهون آندو ويندو. جڏهن ته پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سموري پنجاب جي ڪارڪنن سان گڏجي گورنر هائوس ۾ هفتيوار اجلاس ڪندو.

Read Previous

وڏو وزير عثمان بزدار امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ مري پهچي ويو

Read Next

سال جي فرق سان پيدا ٿيندڙ جاڙا ڀاءُ ۽ ڀيڻ

Most Popular