تاحيات نااهلي جي خاتمي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏيڻ جي تياري

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن تاحيات نااهلي ختم ڪرڻ جي لاءِ درخواست تيار ڪري ورتي، جيڪا ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي ويندي.

درخواست سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن  پاران داخل ڪئي ويندي، جڏهن ته پٽيشنر سپريم ڪورٽ بار جو صدر احسن ڀون هوندو.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته تاحيات نااهلي جو اصول  لاڳو ٿيڻ کي رڳو چونڊ تڪرارن ۾ استعمال ڪيو وڃي.

درخواست ۾ آرٽيڪل 180 ۽ آرٽيڪل 99 جي تشريح جو به مطالبو ڪيو ويندو، جڏهن ته وفاق کي ڌر بڻايو ويندو.

سپريم ڪورٽ بار جي صدر احسن ڀون چيو آهي ته درخواست ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ داخل ڪرائي ويندي.

واضح رهي ته هلندڙ دور ۾ اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف ۽ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ جهانگير ترين سپريم ڪورٽ مان تاحيات نااهل ٿي چڪا آهن.

Read Previous

پنوعاقل نيشنل ھائي وي تي ڪوھيڙي سبب ٽرالر پاڻ ۾ ھڪ ٻئي پٺيان ٽڪرائجي ويا

Read Next

پاڪستان هاڻ به ٻين ملڪن کان سستو آهي، اسان قوم کي بحرانن کان بچايو: وزيراعظم

Most Popular