ڪشمور ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران تعلقي اڳواڻ مظهر چاچڙ جي جبري گمشدگي خلاف احتجاج ڪيو ويو

ڪشمور(رپورٽر اعجاز احمد چنه ) ڪشمور ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران تعلقي اڳواڻ مظهر چاچڙ جي جبري گمشدگي خلاف احتجاج ڪيو ويو تفصيل موجب ڪشمور ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران تعلقي اڳواڻ مظهر چاچڙ جي جبري گمشدگي خلاف احتجاج ڪيو ويو ڪارڪنن ڊويزنل سيڪريٽري حضرت الله مزاري، ضلع انفارميشن سيڪريٽري جاويد کوسو، تعلقي صدر شاھ گل مزاري، ٽائون اڳواڻن لالا سيف الله ڪلوڙ، جاويد گبول، احمد علي ڇڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته مظهر چاچڙ ملڪ جي آئين موجب پارلياماني سياست ڪندڙ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو تعلقي ڪشمور جو ڊپٽي سيڪريٽري آهي سندس جو ڪنهن به غيرقانوني سرگرمي سان ڪو به واسطو ناهي گذريل 45 ڏينهن کان کنڀي گم ڪيل آهي سندس گهرڀاتي ۽ پارٽي ڪارڪنن ۾ ڳڻتي ڇانيل آهي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ايس يو پي اڳواڻ مظهر چاچڙ کي جلد کان جلد ظاهر ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

Read Previous

ڇا چين هٿرادو سج ٺاهڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ڇڏيو؟.

Read Next

حڪومت ته پهرئين ڏينهن کان ئي ناڪام آهي: آصف زرداري

Most Popular