ڇا چين هٿرادو سج ٺاهڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ڇڏيو؟.

ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ  وڊيو نظر آئي، جنهن بابت دعويٰ ڪئي وئي ته چين هڪ هٿرادو سج جي تياري جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ماڻهن جو هڪ ميڙاڪو  موبائلز فونز  کڻي سمنڊ ڪناري بيٺل نظر اچي رهيو آهي، جنهن ۾ ماڻهو زمين مان نڪرندڙ روشني ۽ سج  جيان چمڪندڙ هڪ گولي جي رڪارڊنگ ڪري رهيا آهن.

هڪ سوشل ميڊيا واهپيدار پاران ٽوئيٽر تي هن وڊيو کي شيئر ڪندي ان جي گرمائش جي حوالي سان به دعويٰ ڪئي وئي، جڏهن ته ان وڊيو کي 25 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڏسي چڪا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري پاران فيڪٽ  چيڪ ڪري هڪ رپورٽ ۾ اهڙي دعويٰ کي  غلط قرار ڏنو ويو آهي.

رائٽرز جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته غور هيٺ هي وڊيو ڪنهن هٿرادو سج جي لانچنگ بدران چين جي شهر وينچانگ ۾ اسپيس ڪرافٽ لانچ سائٽ تي راڪيٽ لانچنگ جي آهي.

رائٽرز جي رپورٽ موجب ڪلپ ۾ ڏيکاريو ويندڙ هنڌ وينچانگ اسپيس ڪرافٽ لانچ سائٽ جي ويجهو سمنڊ ڪناري واري شهر لانگلو سان ملندڙ آهي.

Read Previous

حريم شاهه جو گهيرو تنگ، مني لانڊرنگ جي جاچ شروع

Read Next

ڪشمور ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران تعلقي اڳواڻ مظهر چاچڙ جي جبري گمشدگي خلاف احتجاج ڪيو ويو

Most Popular