ويرات ڪوهلي ٽيسٽ ڪپتاني تان به هٿ کڻي ڇڏيو

India’s Virat Kohli reacts after loosing match against Australia during the first Twenty20 international cricket match in Visakhapatnam, India, Sunday, Feb. 24, 2019. (AP Photo/Mahesh Kumar A.)

ڀارتي ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني تان به هٿ کڻي ڇڏيو.

ٽوئيٽر تي ويرات ڪوهلي پنهنجو بيان جاري ڪندي ٽيسٽ ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.

واضح رهي ته ويرات ڪوهلي جو اهو فيصلو ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ڀارتي ٽيم کي ڏکڻ آفريقا جي خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ٿي آهي.

پنهنجي بيان ۾ ويرات ڪوهلي جو چوڻ هو ته هن پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪيو ۽ ان لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي.

ويرات ڪوهلي بي سي سي آءِ ۽ رانديگرن کي ڪپتان طور کيس سپورٽ ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.

واضح رهي ته گذريل سال روهيت شرما کي ويرات ڪوهلي جي جاءِ تي محدود طرز جي ڪرڪيٽ جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو هو.

Read Previous

تحريڪ انصاف پاران پ پ سرڪار خلاف لانگ مارچ جو اعلان

Read Next

اميتاڀ بچن ڪم نه هجڻ سبب پريشان

Most Popular