تحريڪ انصاف پاران پ پ سرڪار خلاف لانگ مارچ جو اعلان

تحريڪ انصاف جي وفاقي وزير علي زيدي مڪاني قانون واري بل خلاف سنڌ اپوزيشن پارٽين جي احتجاج کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ چونڊون پ پ لاءِ آخري اليڪشن ثابت ٿينديون، سنڌ ۾ ظالم مظلومن تي حڪومت ڪري رهيا آهن، ڪاري قانون خلاف گهوٽڪي کان ڪراچي تائين مارچ ڪنداسين.

علي زيدي چيو ته پ پ وارن کان نه اسڪول هلن ٿا نه اسپتالون، سنڌ جي اسڪولن ۾ وڏيرن جون اوطاقون ٺهيل آهن، آئون زرداري مافيا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هي هڪ ننڍو ٽريلر آهي، ان کان اڳ جو هي احتجاج گُهمي ڦري ايوانن تائين پهچي، هوش سان ڪم وٺو.

وفاقي وزير چيو ته بلاول بجيٽ تقرير ۾ چئي رهيو هو ته هو 27 فيبروري تي ڪراچي کان اسلام آباد مارچ ڪندا، آئون اعلان ڪيان ٿو ته تحريڪ انصاف 27 فيبروري تي گهوٽڪي کان ڪراچي مارچ ڪندي، هي ڇاٿا سمجهن ته هنن جي بدمعاشي هلندي رهندي.

Read Previous

آئون عمران خان لاءِ ڀوائتو خواب آهيان: شهباز شريف

Read Next

ويرات ڪوهلي ٽيسٽ ڪپتاني تان به هٿ کڻي ڇڏيو

Most Popular