شاهد آفريدي 4 اوورن ۾ 2 وڪيٽون حاصل ڪري ورتيون

پي ايس ايل 7 جي 18هين ميچ ۾ شاهد آفريدي اعظم خان کان پلاند وٺي ڇڏيو آهي.

گذريل ميچ ۾ اعظم خان شاهد آفريدي جي آخري اوور ۾ کيس 3 ڇڪا هنيا هئا، شاهد آفريدي کي اهڙي ميچ کانپوءِ مهانگو بالر چيو پيو وڃي.

شاهد خان آفريدي پنهنجي  4 اوورن ۾ 2 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ اعظم خان کي رن آئوٽ ڪري پنهنجي گذريل ڏينهن واري ميچ ۾ ڇڪا کائڻ جو پلاند به وٺي ڇڏيو آهي.

اهڙي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اعظم خان رنز وٺڻ لاءِ ڊوڙي ٿو پر مڊ آن تي موجود شاهد آفريدي جي ڊائريڪٽ هٽ اعظم خان جي پويلين موٽڻ جو سبب بڻجي ٿي.

آفريدي شاداب خان جي اهم وڪيٽ حاصل ڪئي ۽ اهو 12 رنز ٺاهي پويلين موٽيو، محمد اخلاق بنا ڪنهن رنز ٺاهڻ جي شاهد آفريدي جو شڪار بڻجي ويو.

ڪمينٽيٽر ۽ ڪرڪيٽ شوقينن به شاهد آفريدي جي بالنگ ۽ فيلنڊنگ جي تعريف ڪئي.

Read Previous

ايم ڪيو ايم باني فاروق ستار کي گاريون ڏنيون: شاهد جو عدالت ۾ بيان

Read Next

عوامي پريس ڪلب ۽ ميرپورخاص ضلعي جي عوام لاءِ اعزاز عوامي پريس ڪلب ميرپورخاص لائيف ٽائم اچيويمينٽ ايوارڊ حاصل ڪري ورتو

Most Popular