جسٽن بيبر ڪورونا وائرس جو شڪار

جڳ مشهور ڪينيڊين گلوڪار جسٽن بيبر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب پاپ اسٽار جسٽس بيبر جي ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري آيو آهي، جنهن سبب کيس پنهنجو ڪنسرٽ به ملتوي ڪرڻو پيو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪي رياست نيواڊا جي شهر لاس ويگاس ۾ جسٽن بيبر جو ڪنسرٽ شيڊيول هو، گلوڪار ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ کانپوءِ اهو ڪجهه مهينن لاءِ ملتوي ڪيو آهي.

جسٽن بيبر جي ڪنسرٽ جي نئين تاريخ 28 جون مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ سبب ڪنسرٽ رد ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مداحن جي صحت پهرين ترجيح آهي، موجوده صورتحال مان نڪري وري سامهون ايندس.

Read Previous

ماضي ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ تي گھڻو نقصان ٿيو، ڪنهن به گروپ جو حصو نه بڻجنداسين: عمران خان

Read Next

شاهنواز جو جشن اوور ٿي ويندو آهي، راند تي ڌيان ڏئي: آفريدي ڏاهاڻي تي ڪاوڙجي پيو

Most Popular