سياسي جماعتون چاهين ته سوشل ميڊيا ٺيڪ ٿي ويندي: جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته جيڪڏهن اڄ سياسي جماعتون چاهين ته سوشل ميڊيا ٺيڪ ٿي ويندي، پنهنجن فالوورز سان ڪٿي به بدتميزي نه ڪريو، نفرت جوڳو مواد نه پکيڙيو.

اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فواد چوڌري جي نااهلي جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اهي ٻئي ڪيس چونڊيل نمائيندن بابت آهن ۽ ٻنهي کي عوام چونڊيو آهي، جڏهن عوام چونڊي رهيو آهي ته عدالت مداخلت ڇو ڪري؟ جڏهن 2 لک ماڻهو پنهنجو نمائيندو چونڊين ته اڻ چونڊيل جج ان کي ڊي سيٽ ڇو ڪري؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هر سياسي جماعت پنهنجي سوشل ميڊيا ٽرولنگ ٽيم رکي آهي، عدالتن ۾ پنهنجا معاملا آڻين ٿا جنهن خلاف فيصلو اچي ته ٽرولنگ شروع ڪري ڇڏين ٿا، جڏهن اهو ٿيڻو آهي ته عدالتون انهن معاملن ۾ ڇو پون؟

هن چيو ته جيڪڏهن اڄ سياسي جماعتون چاهين ته سوشل ميڊيا ٺيڪ ٿي ويندي، پنهنجي فالوررز سان بدتميزي نه ڪريو، نفرت جوڳو مواد نه پکيڙيو.

Read Previous

حڪومتي ميمبرن کي بي اعتمادي رٿ تي راضي ڪرڻ لاءِ پيسن جي آڇ ڪئي پئي وڃي: فواد چوڌري

Read Next

پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ رحمان ملڪ لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular