پشاور: جمعي جي نماز دوران مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪو، 56 ڄڻا شهيد

پشاور جي علائقي قصا خواني بازار جي جامع مسجد ۾ جمعي جي نماز دوران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 56 ڄڻا شهيد ٿي ويا.

پوليس موجب ڌماڪو قصا خواني بازار ۾ ڪوچا رسالدار جي جامع مسجد ۾ ٿيو، آپگهاتي حملي آور مسجد ۾ گهڙي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

آپگهاتي بمبار مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پوليس اهلڪارن ۽ ٻين نمازين تي فائرنگ به ڪئي.

اکين ڏٺن شاهدن موجب حملي آور پاڻ کي منبر سامهون اڏايو ۽ ڌماڪي کانپوءِ مسجد جي هال ۾ هر پاسي انساني عضوا پکڙجي ويا.

مارجي ويلن جا مڙهه ۽ زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال نيو ويو، اسپتال جي ترجمان موجب ڌماڪي ۾ 56 ڄڻا شهيد ٿيا ۽ 194 زخمي اسپتال آندا ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته زخمين کي طبي سهولتون ڏنيون ويون آهن ۽ دوائن، طبي عملي ۽ رت جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي.

اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڪارو لباس پاتل آپگهاتي بمبار اڳ ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن تي 5 کان 6 فائر ڪيا ۽ پوءِ تيزي سان مسجد اندر داخل ٿيو ۽ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيائين.

هوڏنهن خيبر پختونخواهه جي خاص مددگار بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته اطلاع موجب دهشتگردن اڳ ۾ مسجد ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن جو پوليس سان مقابلو ٿيو ۽ هڪ دهشتگرد مسجد ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان ڌماڪي جي مذمت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

هن زخمين کي فوري طور طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

Read Previous

خيرپور :نئين مسلمان ٿيل پير ڳوٺ واسڻ عورت مسمات حوا پنهنجي ٻارڙن سميت پريس ڪلب خيرپور اڳيان بااثر جوابدارن خلاف احتجاج ڪندي

Read Next

”بلوچ شاگردن جو آواز دٻائيندڙن خلاف بغاوت جا پرچا ٿيڻ گهرجن“

Most Popular