عمران اسماعيل ۽ پرويز خٽڪ کي ڪاوڙيل ميمبر پرچائڻ جو ٽاسڪ

تحريڪ انصاف ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ ڪاوڙيل ميمبرن سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ملڪ جي سياسي صورتحال ۾ ڊرامائي تبديلي اچي رهي آهي ۽ هاڻ اپوزيشن سان گڏوگڏ ڪپتان جا به پراڻا کيڏاري جهانگير ترين ۽ عليم خان به بي اعتمادي جي ميچ ۾ اهم جوڙي بڻجي سامهون اچي ويا آهن.

ان معاملي تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر، پرويز خٽڪ، بابر اعواڻ سميت سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي گورنرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڪاوريل ميمبرن سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ذريعن موجب بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل کي فوري طور تي ڪاوڙيل ميمبرن سان رابطي جي هدايت ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران اسماعيل، عليم خان سان ملاقات لاءِ لاهور ويندو.

Read Previous

الله جو قسم مخالف ڌر اميدوار کٽيو ته هڪ پئسو فنڊ نه ڏيندس: اعظم سواتي جي وڊيو وائرل

Read Next

همراهه جي مهوش حيات کي پٺيان ڇُهڻ جي ڪوشش، ويڊيو وائرل

Most Popular