وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ: قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اسپيڪر کي چوڏنهن مارچ تي اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ تي بحث ۽ ووٽ جي معاملي تي قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ اسپيڪر کي 14 مارچ تي اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان اسپيڪر کي تجويز ڏني وئي آهي ته 3 ڏينهن بحث کان پوءِ 18 مارچ تي ووٽنگ ڪرائي وڃي.

اجلاس گهرائڻ جي حد 14 ڏينهن يعني 22 مارچ تائين آهي. ليگل برانچ اختيارين جو ان حوالي سان وڌيڪ چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائن ۽ بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ جي 3 کان 7 ڏينهن وچ ۾ ان تي ووٽنگ ڪرائڻي پوندي. ان کان علاوه آئين ۾ ڪٿي به ناهي لکيل ته اجلاس قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيندو. قومي اسيمبلي جو اجلاس سينيٽ هال يا ڪنهن ٻئي هنڌ تي به ٿي سگهي ٿو.

Read Previous

روس جا يوڪرين مٿان حملا جاري، پل ۽ ايئرپورٽ تباهه، وڌيڪ ٽي شهري مارجي ويا

Read Next

ترين گروپ وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ سمورن صوبائي وزيرن سان لاتعلقي جو اعلان

Most Popular