شاهنواز ڏاهاڻي، زاهد محمود سنڌ ۾ ٽئلينٽ جو مثال آهن: رميز راجا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته مان چيئرمين بعد ۾ ڪرڪيٽر پهريان آهيان.

هڪ بيان ۾ رميز راجا چيو ته هو هر شيءِ کي ڪرڪيٽ جي نظريي سان ڏسي ٿو، انفراسٽرڪچر ۽ وڪيٽ جي لحاظ کان پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ تمام گهڻو پوئتي آهي، ان ڪري اسان کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، جنهن ۾ وقت لڳندو.

هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي ٿي رهي آهي، اسان ننڍڙا قدم کڻي ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي بحال ڪيو آهي، هيءَ سيريز آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۽ پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي حوالي سان به انتهائي اهم آهي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کيڏي وڃي.

سنڌ ۾ ڪرڪيٽ ٽئلينٽ بابت ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين چيو ته زاهد محمود، شاهنواز ڏاھاڻي سنڌ ۾ ٽئلينٽ جا مثال آهن.

Read Previous

سعودي عرب ۾ 81 ڏوهارين کي موت جي سزا

Read Next

”وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ 27 مارچ کانپوءِ ٿيندي“

Most Popular