سعودي عرب ۾ 81 ڏوهارين کي موت جي سزا

سعودي عرب ۾ انتهاپسند ٽولن سان واسطو رکندڙ 81 جوابدارن کي موت جي سزا ڏني وئي.

سعودي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب 81 جوابدارن کي موت جي سزا ڏني وئي آهي، جيڪي داعش ۽ القاعده سميت پرڏيهي ايجنسين ۽ حوثي مليشيا سان به واڳيل هئا، ڏوهارين ۾ سعودي ۽ يمني شهري شامل آهن.

بيان موجب موت جي سزا مليل جوابدارن تي غداري ۽ دهشتگردي جا الزام هئا، مقامي عدالتن جوڳن ثبوتن جي بنياد تي جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي آهي.

سعودي گهرو وزارت  جو چوڻ آهي ته جوابدارن حڪومتي ادارن، عبادتگاهن ۽ عوامي ماڳن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته ڪجهه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي قتل ڪيو، هنن ڌماڪيدار سرنگون لڳائڻ، پرتشدد ڪارروايون ڪرڻ کانسواءِ رياستي ادارن کي به نقصان پهچايو هو.

Read Previous

”تاريخ ۾ ايڏو پريشان وزيراعظم ناهي ڏٺو، ڊڄڻو عمران خان سڀني کي گاريون پيو ڏئي“

Read Next

شاهنواز ڏاهاڻي، زاهد محمود سنڌ ۾ ٽئلينٽ جو مثال آهن: رميز راجا

Most Popular