حڪومت سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪورونا پابندين جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو

حڪومت ملڪ ۾ ڪورونا جي حوالي سان لاڳو سڀ پابنديون کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر ملڪ ۾ لاڳو ڪورونا پابندين جي خاتمي جو اعلان ڪيو.

صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته ڪورونا ڪيسن ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ ڪورونا جي حوالي سان پابنديون ختم ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته 70 سيڪڙو ماڻهن جي مڪمل ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي، جڏهن ته وبا ختم ناهي ٿي، ختم ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪورونا فري ٿيڻ وارو آهي، جنهن سبب شادي، انڊور ڊائننگ سميت مارڪيٽن ۾ لاڳو پابنديون به کنيون ويون آهن.

واضح رهي ته حڪومت ڪورونا جي خاتمي لاءِ قائم ڪيل اداري اين سي او سي کي به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان جلد اعلان ڪيو ويندو.

Read Previous

آمريڪي پابندين جي جواب ۾ روس جو وڏو فيصلو

Read Next

”منهنجي شڪار لاءِ ڪوئا نڪتا آهن، هڪ بال سان ٽئي وڪيٽون اڏائي ڇڏيندس“

Most Popular