نواز شريف جي ٽڪيٽ ڪنفرم، لانگ مارچ جي قيادت ڪندو

ملڪ ۾ سياسي صورتحال تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ وڏي اڳڀرائي اها آهي ته ن ليگ قائد ميان نواز شريف پاڪستان اچڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي.

ن ليگ جا ذريعا دعويٰ ڪري رهيا آهن ته لنڊن مان هڪ دوست جي ڪال هئي ته ميان نواز شريف جون ٽڪيٽون ڪنفرم ٿي ويون آهن.

ان حوالي سان جاويد لطيف جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن ۾ نواز شريف پاڪستان اچي ايندو.

واضح رهي ته اڄ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل ن ليگ جي اهم اجلاس ۾ پارٽي قيادت سڄي ملڪ ۾ موجود پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کي لانگ مارچ جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ن ليگ صدر شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن، وفاقي ۽ صوبائي عهديدارن ورچوئل شرڪت ڪئي.

شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي عهديدارن کي اثرائتو رابطو يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي.

اجلاس دوران ن ليگ قيادت سڄي ملڪ ۾ پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کي 23 مارچ جي لانگ مارچ جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته نواز شريف اسلام آباد جو لانگ مارچ ليڊ ڪري سگهي ٿو، شهباز شريف لانگ مارچ جي تياري جو چئي ڇڏيو آهي.

Read Previous

گرمين ۾ ڪهڙي قسم جي اي سي هلائجي؟

Read Next

حڪومت کي اهم ثبوت هٿ اچي ويا، شيخ رشيد جو وڏو اعلان

Most Popular