فيس بڪ ۽ انسٽاگرام انتهاپسند قرار

روس انسٽاگرام ۽ فيس بڪ کي ”انتهاپسند“ سڏيندي ٻنهي ايپس تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

فرانسيسي خابرو اداري موجب ماسڪو جي هڪ عدالت ميٽا جي سماجي رابطن واري سائيٽ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ انهن کي انتهاپسند قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

روسي عملدارن يوڪرين تي الزام لڳايو آهي ته هو آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا ذڙيعي روس مخالف مهم هلائي رهيو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ان جي سمورن سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي پابندي لڳائي وڃي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته هو پراسيڪيوشن جي ان مطالبي سان متفق آهي ته ملڪ ۾ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي پابندي لڳائي وڃي ڇاڪاڻ ته اهي انتهاپسند سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ ملوث آهن.

واٽس اپ تي پابندي نه لڳائي ويندي ڇو ته اهو عوامي پليٽ فارم ناهي.

ياد رهي ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جنگ کي مهينو گذري چڪو آهي. روس پاران آمريڪا ۽ ٻين اولهه ملڪن تي روس جي خلاف نفرت جي مهم هلائڻ جو الزام لڳائي ٿو.

Read Previous

اتحادي حڪومت سان گڏ ناهن رهيا: مولانا فضل الرحمان جي دعويٰ

Read Next

مني هيسٽ ٺاهيندڙ جو ان کان به ڪامياب سيريز آڻڻ جو اعلان

Most Popular