”وزيراعظم خلاف بي اعتمادي تي ووٽ ته هر صورت ۾ ٿيندو، پوءِ ڏسنداسين ته ڇا ڪرڻو آهي“

جسٽس منيب اختر

آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا آهن ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽ ته هر صورت ۾ ٿيندو، ووٽ وجهي نه ڳڻڻ توهين جوڳو آهي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ووٽ جي ڳڻپ کانپوءِ ڏٺو ويندو ته ان سان ڇا ڪرڻو آهي، جيڪڏهن توهان علي الاعلان پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيندئو ته مطلب جماعت ته ڇڏي ڏني، پوءِ معاملو اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ وٽ ويندو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا اصل معاملو ته نااهلي جي مدي جو آهي.

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل تسليم ڪيو ته ووٽ بنا آئين جو آرٽيڪل 63 اي ڪنهن اسيمبلي ميمبر تي لڳي ئي نٿو سگهي، ڏسڻو اهو آهي ته ووٽ وجهڻ کانپوءِ ميمبر سان ڇا ٿيندو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 63 اي ۾ هڪ طريقي ڪار موجود آهي، آرٽيڪل 63 اي جي روح کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون، عدالت جو ڪم خالي جاءِ ڀرڻ ناهي، اهڙا معاملا ريفرنس بدران پارليامينٽ ۾ حل ٿيڻ گهرجن.

پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.

Read Previous

پ پ ايم ڪيو ايم جا سڀ مطالبا مڃي ورتا، گڏيل ڪميٽي قائم

Read Next

six Tips For Trying to find Single Girl to Date

Most Popular