پ پ ايم ڪيو ايم جا سڀ مطالبا مڃي ورتا، گڏيل ڪميٽي قائم

پ پ بي اعتمادي رٿ ۾ حمايت تي ايم ڪيو ايم کي سمورا مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته عمل لاءِ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي.

پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات لاءِ ايم ڪيو ايم وفد زرداري هائوس پهتو، ايم ڪيو ايم وفد م عامر خان، خالد مقبول صديقي، امين الحق، وسيم اختر ۽ جاويد حنيف شامل هئا.

ذريعن موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، آصف زرداري ايم ڪيو ايم جي نڪتن کي مڃي ورتو ۽ ٻنهي پارٽين جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي، اهي ميمبر پاڻ ۾ ويهي ايم ڪيو ايم جي نڪتن جي حوالي سان اڳڀرائي ۽ عمل لاءِ قدم ۽ روڊ ميپ تيار ڪندا.

پ پ قيادت جو چوڻ هو ته سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي هلڻو پوندو، جڏهن ته پ پ قيادت خاطري ڪرائي ته آئيني طريقي سان جيڪي شيون بهتر ڪري سگهجن ٿيون، انهن کي بهتر ڪيو ويندو.

هوڏانهن ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي ۾ شامل نالا به سامهون اچي ويا آهن، ڪميٽي ۾ ايم ڪيو ايم طرفان جاويد حنيف، ڪنور نويد ۽ خواجا اظهار، جڏهن ته پ پ جا مرتضيٰ وهاب، سعيد غني ۽ ڄام خان شورو شامل آهن.

Read Previous

اليڪشن ڪميشن جو بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس

Read Next

”وزيراعظم خلاف بي اعتمادي تي ووٽ ته هر صورت ۾ ٿيندو، پوءِ ڏسنداسين ته ڇا ڪرڻو آهي“

Most Popular