پرڏيهي فنڊنگ ڪيس، پي ٽي آءِ کي تفصيل جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ وقت ملي ويو

پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي تفصيل جمع ڪرائڻ لاءِ ڇهن هفتن جي مهلت ملي وئي آهي.

پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اسلام آباد ۾ ٿي.

ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل شاهه خاور ڪميشن کي استدعا ڪئي ته کين وڌيڪ وقت گهرجي، ڏهه سال پراڻو ڪيس آهي، تفصيل گڏ ڪرڻا آهن، اسان کي گهٽ ۾ گهٽ اٺ هفتا گهربل آهن.

شاهه خاور وڌيڪ چيو ته ماڻهن بيان ڏنا آهن ته هو پاڪستاني آهن پر فيصلي ۾ پرڏيهي ڄاڻايو ويو هو.

چيف اليڪشن ڪميشنر چيو ته توهان کان اسان جو سوال هو ته ڇو نه اسان رقم ضبط ڪري ڇڏيون، توهان کي ان تي جواب ڏيڻو آهي، اسان جي قانون موجب پرڏيهي ڪمپني کان پئسا نٿا اچي سگهن.

پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اسان کي ڇهه هفتا ڏيو جنهن تي چيف اليڪشن ڪميشنر رمارڪس ڏنا ته پهريان ئي گهڻو وقت لڳي ويو آهي، توهان کي ڇهن هفتن جي مهلت ڏئي رهيا آهيون.

Read Previous

آرمي چيف جو دورو، چين پاران پاڪستان لاءِ هنگامي بنيادن تي امداد جو اعلان

Read Next

عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس جو فيصلو محفوظ

Most Popular