عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس جو فيصلو محفوظ

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

اليڪشن ڪميشن عمران خان توشا خانا ڪيس دوران سندس وڪيل علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته اسپيڪر ثبوتن پٽاندڙ عمران خان کي نااهل ڪرڻ وارو ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليو، اسپيڪر اهو ريفرنس پنج ميمبرن جي درخواست تي فائل ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته 63 ٽو تحت درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

علي ظفر چيوته ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان توشا خانا تحفا اليڪشن ڪميشن کان لڪايا، وڌيڪ چيو ويو ته عمران خان 62 ون ايف تحت نااهل آهي ڇاڪاڻ ته هو صادق امين ناهي، اسپيڪر اهو فرض ڪري ريفرنس اليڪشن ڏانهن اُماڻي ڇڏيو، ريفرنس ۾ اهو پڻ چيو ويو ته عمران خان ٽئڪس ريٽرن ۾ تحفا ظاهر ڪيا، 62 ون ايف تحت نااهلي وارو سوال ئي ناهي .

سندس چوڻ هوته جيڪڏهن ڪنهن اثاثا ظاهر ناهن ڪيا ته اسپيڪر ريفرنس ناهي موڪليندو، اهو اليڪشن ڪيمشن جو ڪم آهي، قانون اثاثا ظاهر نه ڪرڻ تي 120 ڏينهن ۾ ڪيس جي ڳالهه ڪري ٿو، قانون ۾ ائين ناهن لکيل ته 10 سالن کانپوءِ  ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، هي هڪ سياسي ڪيس آهي، اسان سڀ چالان، اثاثا، ٽئڪس ريٽرن جواب ۾ لڳائي ڇڏيا آهن.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل چيو ته اهو به چوڻو آهي ته ڇا ڪنهن عدالت ڊڪليئريشن ڏني ته عمران خان صادق امين ناهي رهيو، جيڪڏهن عدالت جو ان حوالي سان فيصلو ناهي ته پوءِ اسپيڪر عمران خان جي نااهلي جو ريفرنس ڪئين موڪلي سگهي ٿو.

بيئرسٽر علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، آئين تحت ڪميشن قائم ٿي، اليڪشن ڪميشن عدالت ناهي، ڪميشن وٽ قانوني اختيار ته آهن پر اها عدالت ناهي.

ڪميشن ميمبر چيو ته توهان جيڪي تحفا خريديا، رقم توشا خانا کي ادا ڪئي، اها رقم ڪٿان آئي، جنهن تي عمران خان جي وڪيل چيو ته اسان توهان کي اها ڳالهه نٿا ڏيکاري سگهون.

اليڪشن ڪميشن ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عمران خان خلاف توشا خانا ريفرنس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

Read Previous

پرڏيهي فنڊنگ ڪيس، پي ٽي آءِ کي تفصيل جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ وقت ملي ويو

Read Next

ايران ۾ ناري جو قتل، عورتن احتجاجن حجاب لاهي ڇڏيا

Most Popular