ايران ۾ ناري جو قتل، عورتن احتجاجن حجاب لاهي ڇڏيا

An Iranian protester at the End Male Violence Against Women rally at Trafalgar Square.

ايران ۾ اخلاقي پوليس هٿان گرفتار نوجوان عورت مهسا اميني جي حراست دوران وفات تي شديد مظاهرا شروع ٿي ويا آهن.

رائٽرز مطابق سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل وڊيوز ۾ مظاهرين کي ايران جي صوبي ڪردستان جي ويجهن شهرن مان 22 سالن جي مهسا اميني جي اباڻي شهر شاقيز ۾ گڏ ٿيڻ کانپوءِ حڪومت مخالف نعرا هڻندي ڏٺو ويو، جيڪي تهران جي هڪ اسپتال ۾ فوت ٿيندڙ نوجوان عورت جو سوڳ ملهائي رهيا هئا، ڪجهه مظاهرين سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي حوالي سان ” ڊڪٽيٽر مرده باد“ جا نعرا به هنيا، ان دوران پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ آنسو گئس استعمال ڪئي.

مهسا اميني کي ” اخلاقي پوليس“ مبينه طور تي مٿو ڍڪڻ جي قانون تي عمل نه ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو، مهسا اميني کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، مهسا اميني جي جنازي ۾ موجود ڪجهه عورتن پنهنجي مٿي تان احتجاج طور تي اسڪارف لاهي ڇڏيا، اتي موجود عورتن ڪرد ملي نغما به ڳايا، حڪومت مخالف نعرا به هنيا، تقريب ۾ هڪ عورت جيڪا شهيد ناري جي ماسي هئي هن مهسا اميني کي“ نوجوانن جي شهيد“ قرار ڏيندي چيو ته زينا(مهسا) اسان لاءِ آزادي جو رستو کولي ڇڏيو، ڪجهه وڊيوز ۾ ” اسڪارف لاءِ قتل، ڪيستائين مٿي تي مٽي ۽ عورت، زندگي، آزادي“ جا نعرا به ٻڌي سگهجن ٿا.

ايراني حڪومت جي مخالفت ڪندڙ ڪرد جماعتن جي هڪ گروپ ماڻهن کي چيو ته اهي سومر تي هڙتال ڪن، ايران جي ڪرد شهرن مان سقر ۽ سنندج ۾ مظاهرا ٿيا، فورسز جي حملي ۽ فائرنگ ۾ 5 ماڻهو زخمي ۽ ڪجهه  گرفتار ڪيا ويا، ملڪ جي اهم سياسي شخصيتن به اميني جي موت تي بيان ڏنا آهن،

مهسا اميني جي موت ايراني عورتن جي همت وڌائي ڇڏي: ورڪز سوليڊرٽي فيڊريشن

 ورڪرز سوليڊرٽي فيڊريشن پاڪستان تھران ۾ پوليس تشدد ۾ ڪرد عورت ۽ ٽن نياڻين جي ماءُ مھسا اميني جي بزدلاڻي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آھي ته انتھاپسندن مان ان قسم جي ڪريل حرڪتن جي ئي اميد ڪري سگھجي ٿي، ان ڪريل حرڪت ايراني عورتن جي ھمت وڌائي ڇڏي آھي، ايران سميت پوري دنيا ۾ احتجاج ثابت ڪري ٿو ته ايران ۾ شعور وڌي  ويو آھي، اھڙو اظھار تنظيم جي سرگرم ڪارڪنن ڪامريڊ گل ناز، ڪامريڊ منيبه، پريانڪا، سيد منور شاھ، گل محمد منگي، وليم  صادق، محمد صفدر، افضل سنڌو، مجروح ڪالاڻي، ڪامريڊ تارا، روزينه ۽ ٻين اڄ پنھنجي ھڪ گڏيل بيان ۾ ڪيو آھي،ھنن  چيو ته وڏي عرصي کان ايران سميت خطي جو عوام انتھا پسند رجعت پرست مذحبي ڌرين ھٿان ظلم برداشت ڪري رھيو آھي پر ھاڻي انھن جا ڏينھن ڳڻجي  چڪا آھن۔ ھنن چيو ملن جي انتھا پسندي جي ڪري عام ماڻھو ھنن کان بدظن ٿي چڪو آھي،ھنن چيو ته ھاڻي ايران سميت خطي جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آھي انڪري جيڪو به رستا روڪ ڪندو ان جو انجام خراب ٿيندو.

Read Previous

عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس جو فيصلو محفوظ

Read Next

همراهه جي اهڙي ڦٽل قسمت جو رڳو فون نمبر جي ڪري نوڪري نه مليس !

Most Popular