لاڳاپن جي تصديق، صبا قمر پنهنجي مداحن کي مجبور ڪري ڇڏيو

پاڪستان سميت ڀارت ۾ به مشهور ترين پاڪستاني اداڪارا صبا قمر نئين انسٽاگرام پوسٽ ۾ مداحن کي اها اڳ ڪٿي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ته هوءَ شادي ڪرڻ واري آهي.

اداڪارا پنهنجي هڪ انسٽاگرام ۾ هڪ مختصر وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هڪ سال پورو ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو.

اداڪارا سڀ کان اڳ پنهنجي اڳيان رکيل گلدستا ڏيکاريا جن تي ٽي سئو پنجهٺ جو انگ لکيل هو جنهن کانپوءِ ڪيمري جي اڳيان پاڻ آئي جنهن کيس کلندي ڏسي سگهجي ٿو.

گلدستن سان گڏ اداڪارا لکيو ته ساٿ نڀائڻ جي لاءِ هڪ وڏو سفر طئي ڪرڻو آهي.

اهڙي پوسٽ تي مداح اڳڪٿيون ڪري رهيا آهن ته اداڪارا کي پنهنجو جيون ساٿي ملي ويو آهي پر هن ڀيري اداڪارا انکي ڳجهو رکيو آهي.

صبا قمر سال ٻه هزار ايڪويهه جي شروعات ۾ ئي پاڪستاني ڄائي آسٽريلوي ڪاروباري شخص ۽ يوٽيوبر عظيم خان سان جلد شادي ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو. جنهن کانپوءِ هن عظيم خان کان پنهنجا رستا الڳ ڪري ڇڏيا هئا.

تازو ئي صبا قمر پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته اها هلندڙ سال جي آخر تائين شادي واري ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندي.

اداڪارا ٻڌايو ته هوءَ ڪجهه عرصي کان هڪ شخص سان لاڳاپن ۾ آهي ۽ ساڻس لاڳاپن کانپوءِ منهنجا محبت بابت خيال ئي مٽجي ويا آهن.

Read Previous

پاوري گرل دنانير به بد نظرن کان نه بچي سگهي

Read Next

شهباز شگري سان سٺي نموني رشتو ختم ڪيو: آئما بيگ

Most Popular