عمران خان خلاف عورت جج کي ڌمڪائڻ وارو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان سيشن ڪورٽ منتقل

عمران خان

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف جج زيبا چوڌري سميت پوليس آفيسرن کي ڌمڪي ڏيڻ وارو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان سيشن ڪورٽ منتقل ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪي ڏيڻ بابت ڪيس تي جج راجا جواد عباس حسن ٻڌڻي ڪئي.

عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت آڏو روبرو پيش ٿيو ۽ دهشتگردي جا قلم ختم ڪرن بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پڙهي ٻڌايو.

بابر اعواڻ درخواست ڪئي ته هاءِ ڪورٽ جي آرڊر موجب هاڻ توهان ڪيس سيشن جج ڏانهن منتقل ڪيو، جنهن تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج چيو ته اسان وٽ چالان جمع ئي ناهي ڪرايو ويو، توهان ضمانت جي درخواست ٻيهر ڏيڻي پوندي، نه اسان وٽ چالان نه شاهد جو بيان جمع ٿيو ۽ نه ڪجهه ٻيو ته  ڪهڙي بنياد تي ڪيس منتقل ڪيون؟

جج راجا جواد عباس حسن چيو ته اسان وٽ هنيئر تائين ضمانت جو معاملو هو، هاءِ ڪورٽ جي آرڊر کانپوءِ  هاڻي اهو معاملو اسان جي اختيارن ۾ نٿو اچي.

بابر اعواڻ چيو ته 27 هين سپٽمبر تي ٻين ضمانتن جون درخواستون لڳيون آهن، وڌيڪ توهان جيڪو حڪم ڪريو.

جج چيو ته توهان لاءِ بهتر ائين ٿيندو ته ضمانت جي درخواست واپس وٺو، جنهن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته اسان ضماتن جي درخواست واپس نه پيا وٺون.

عدالت چيو ته اسپيشل پراسيڪيوٽر ڪٿي آهي؟ ان کان به راءِ وٺون ٿا، عدالت اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي جي اچڻ تائين ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو.

وقفي بعد عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت عمران خان خلاف ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

فيصلي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو چوڻ هوته جوابدار آزاد آهي لاڳاپيل فورمسان ضمانت لاءِ رابطو ڪري سگهي ٿو.

جنهن بعد عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ضمانت جي درخواست اڪلائي ڇڏي.

Read Previous

ڊينگيءَ جي ٽيسٽ مفت ٿي وئي

Read Next

” عمران نيازي سرعام ادارن کي للڪاري رهيو آهي ڇا اهو عدالتن کي نظر پيو اچي؟ “

Most Popular