سکر: فوتي عورت لاء ايمبولينس ڏيو

سکر(بيورورپورٽ:فدا ميراڻي) فوتي عورت لاء ايمبولينس ڏيو! سول اسپتال پنوعاقل انتظاميه ايمبولينس نه ڏيڻ تي فوتي عورت جا وارث زارو قطار روئندا رھيا،انتظاميہ بي رحم بڻجي بيھي رھي خبر موجب پنوعاقل جي سول اسپتال ۾ فوت تيل عورت جي ميت کي گھر پھچائڻ لاء سرڪاري ايمبولينس جي گھر ڪئي وئي پر انتظاميه جي طرفان ايمبولينس نه ملي وارثن ڦٽي واري رڪشي تي فوتي عورت جي ميت کي رکيو ان موقعي فوت ٿيل عورت جا وارث اسپتال انتظاميا جي اھڙي رويي تي زارو قطار روئندا رھيا انتظاميه بي رحم بڻجي بيھي رھي،واضح رھي ته ڪجھ ڏينھن پھريان به ڏھ سالن جي نينگري فوت ٿي ته انتظاميه طرفان پئٽرول جا پئسا ڏيڻ جي صورت ۾ ميت کي پھچائڻ جو چيو ھو

Read Previous

ڪابل جي ريسٽورنٽ ۾ ڌماڪو، ٽي ڄڻا اجل جو شڪار، تيرنهن زخمي

Read Next

توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان معافي وٺي ڇڏي

Most Popular