توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان معافي وٺي ڇڏي

imran khan pm

 عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ بابت توهين عدالت معاملي تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ معافي گهري ورتي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، شاهه محمود قريشي، شبلي فراز ۽ عمران خان جو وڪيل حامد خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتا، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عمران خان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن هن ڪا ريڊ لائين ڪراس ڪئي آهي ته ان تي معافي گهرڻ لاءِ تيار آهيان، جيڪڏهن عدالت ٻيو ڪجهه چاهي ته اهو ڪرڻ  لاءِ به تيار آهيان.

چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اوهان بيان رڪارڊ ڪرايو ٿا ته پوءِ فرد جرم جي ڪارروائي نٿا هلايون، اوهان بيان جي سنگيني کي سمجهيو، اسان اوهان جي ان عمل کي ساراهيون ٿا، هاڻ اوهان لکت ۾ حلفي بيان جمع ڪرايو پوءِ عدالت اُن جو جائزو وٺندي.

عدالت عمران خان کي لکت ۾ حلفي بيان جمع ڪرائڻ لاءِ 29 سپٽمبر تائين جي مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ٽي آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت عمران خان کي حڪم ڏنو ته 29 سيپٽمبر تي لکت ۾ حلفي بيان جمع ڪرايو،

عمران خان جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، ٻن  ايس پيز سميت ست سئو ڏهه آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا، هاءِ ڪورٽ جي چوڌاري سيف سٽي ڪيمرائن جي مدد سان مانيٽرنگ ڪئي وئي ۽  ڪنهن به غير لاڳاپيل شخص کي عدالت جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هئي.

Read Previous

سکر: فوتي عورت لاء ايمبولينس ڏيو

Read Next

سُپريم ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ  کي ٻيهر قومي اسيمبلي وڃڻ جو مشورو

Most Popular