اسحاق ڊار گرفتاري مامرو، عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

 اسلام آباد جي احتساب عدالت اسحاق ڊار جا ست آڪٽوبر تي گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا آهن.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ۾ اسحاق ڊار پاران سندس وڪيل قاضي مصباح عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران احتساب عدالت نيب کي گرفتاريءَ کان روڪيندي چيو ته اسحاق ڊار پهرين پاڪستان واپس اچي پوءِ سندس دائمي وارنٽس رد ڪرڻ واري مامري کي ڏسنداسين.

عدالت چيو آهي ته مڪمل وارنٽس تڏهن رد ٿيندا، جڏهن اسحاق ڊار عدالت ۾ پيش ٿيندو.

اسحاق ڊار جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته سندس اصيل جا گرفتاري وارنٽ ملتوي ڪيا وڃن، اسحاق ڊار ايئرپورٽ تي لهندي ئي سڌو عدالت ۾ پيش ٿي ويندو.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير پڇاڻو ڪيو ته پراسيڪيوٽر افضل قريشي ڪٿي آهي؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته افضل قريشي عمرو ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويل آهي.

جنهن کان پوءِ عدالت اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪندي کيس سرنڊر ڪرڻ جو موقعو ڏنو.

Read Previous

اڳوڻي ايم اين اي اياز امير جي نُنهن قتل، پٽ گرفتار

Read Next

سنڌ ۾ بدترين غلامي آهي، حقيقي آزاديءَ لاءِ جهاد ڪرڻو پوندو : عمران خان

Most Popular