عائزا خان پنهنجو چهرو بگاڙي شهرت ماڻي: ماڊل جو انڪشاف

پاڪستاني سپر ماڊل ونيزا احمد اداڪارا عائزا خان کي سندس انسٽاگرام اڪائونٽ تي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

تازو ونيزا احمد ۽ اداڪار عديل حسين خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهه ٻول ڪندي سوشل ميڊيا تي وڌندڙ رجحان ۽ فالوورز بابت ريس جي حوالي سان سوال ڪيو.

ونيزا احمد جواب ڏنو ته هو چپ ۽ منهن بگاڙي تصويرون ڪڍڻ وارن مان ناهن، جيڪي تيار ٿي، ڇا کائن ٿا، ڇا پيئن ٿا، ڇا ڪري رهيا آهن سڀ ڪجهه سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪري ڇڏيندا آهن، جڏهن ته اداڪارا انهن مان ناهي.

هن چيو ته ڪالهه ئي هڪ اداڪارا جا ٻارنهن ملين فالوورز ڏٺا جنهن تي نعمان اعجاز تڪڙ ۾ جواب ڏنو ته  عائزا خان صاحبا آهي.

ونيزا چيو ته سندس پيج تي وڃي ڏسڻ چاهيو ته اهڙو ڇا پوسٽ ڪندي آهي، ان اداڪارا جي اڪائونٽ تي رڳو تصويرون هيون.

هن ٻڌايو ته کيس صفا ڄاڻ ناهي ته سندس ڪيترا فالوورز آهن، اڪائونٽ ڀيڻ ٺاهي ڏنو جڏهن ته تصويرون سندس ڀاڻج شيئر ڪندي آهي، هوءَ رڳو آيتون يا سٺيون چوڻديون پوسٽ ڪندي آهي.

واضح رهي ته عائزا خان جا انسٽاگرام تي پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ سڀ کان وڌيڪ فالوورز 12 ملين آهن.

Read Previous

ٽيم ۾ کوڙ ميچ ونر آهن، کين سپورٽ ڪيو مايوس نه ٿيندئو: رميز راجا

Read Next

ڊالر سستو ٿيڻ تي گاڏين جا اگهه وڏي پئماني تي گهٽجي ويا

Most Popular