فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊا تي ڌيان نه ڏيو، ملڪي سرحدون محفوظ هٿن ۾ آهن: آرمي چيف

 آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته امن جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان ملڪ جي انچ انچ جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهيون، ملڪ جون سرحدون مضبوط هٿن ۾ آهن.

ڪاڪول ۾ 146هين پي ايم اي لانگ ڪورس جي پاسنگ آئوڊ پريڊ سان خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته پاسنگ آئوٽ پريڊ سان خطاب منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، هن عظيم اداري مان پاس آئوٽ ٿيڻ توهان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.

هن پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي فخر هجڻ گهرجي ته توهان هڪ عظيم بهادر فوج جو حصو بڻجن وڃي رهيا آهيو، هن فوج پاڪستان کي دهشتگردي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، 42 سال اڳ مان به ان ئي اداري مان ٽريننگ حاصل ڪئي هئي، تڏهن مان اهو سوچيو ئي نه هو ته هن عظيم فوج کي ڪمانڊ ڪندس.

سندس چوڻ هو ته اڳتي جو سفر توهان لاءِ چئلينج کڻي ايندو، توهان کي مستقبل ۾ ڏکيا ۽ وڏا فيصلا ڪرڻا پوندا، توهان کي ملڪ جي حفاظت، عزت ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، توهان کي ملڪ جي سلامتي لاءِ قربانيون ڏيڻيون پونديون.

پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته ڪنهن به فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊا تي ڌيان نه ڏيو، ملڪ جي حفاظت محفوظ هٿن ۾ آهي، پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي، جيڪو پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو، پاڙيسرين سان گڏجي مسئلا پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.

آرمي چيف چيو ته اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان ملڪ جي انچ انچ جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهيون، ملڪ جون سرحدون مضبوط هٿن ۾ آهن، اسان ڪنهن کي به پنهنجو ملڪ ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

Read Previous

سجاول ضلعي ۾ تعليم کاتي پاران هڪ ئي ضلعي ۾ ٻه قانون ڪرڻ خلاف آئي بي اي اميدوار روڊن تي نڪري پيا.

Read Next

آصف زرداريءَ جي صحت بابت افواهه، اهم بيان اچي ويو

Most Popular