سجاول ضلعي ۾ تعليم کاتي پاران هڪ ئي ضلعي ۾ ٻه قانون ڪرڻ خلاف آئي بي اي اميدوار روڊن تي نڪري پيا.

سجاول؛(ڊر)سجاول ضلعي ۾ تعليم کاتي پاران هڪ ئي ضلعي ۾ ٻه قانون ڪرڻ خلاف آئي بي اي اميدوار روڊن تي نڪري پيا.مين نينشل هاء وي تي ڌرڻو هنڻي ڇڏيو.جنهن سبب ٽريفڪ جي روانگي معطل ٿي وئي.ان موقعي تي نوجوانن چيو ته هڪ ئي سنڌ ۾ ٻه قانون ٺاهيا ويا آهن.سنڌ حڪومت طرفان چيو ويو ته 33 کان 39 مارڪن وارن کي ٽريننگ ڏني ويندي پر سجاول ۾ تعليم کاتي ٻيو قانون ٺاهيو آهي سجاول تعلقي جا نوجوان 34 کان 39 ميرپوربٺورو جا 35 کان 39 تائين مارڪن وارا ٽريننگ وٺي سگهندا.اهو قانون نوجوانن سان مذاق ڪرڻ آهي هڪ ئي سنڌ آهي ان ۾ ٻه قانون ڇو ٺاهيا ويا آهن.نوجوان سان ظلم ڪيو پيو وڃي.ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسي سوين گاڏيون بيهي رهيون آهن.ٽريفڪ جي روانگي معطل ٿي وئي آهي

Read Previous

ايران نوجوان نسل کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي: آمريڪا

Read Next

فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊا تي ڌيان نه ڏيو، ملڪي سرحدون محفوظ هٿن ۾ آهن: آرمي چيف

Most Popular