ملڪ جو عوام مون سان گڏ آهي، اسٽيبلشمينٽ جي ضرورت ناهي، عمران خان

عمران خان

لاهور: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون کي اسٽيبلشمينٽ جي ضرورت ناهي، جن ماڻهن مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي اقتدار ۾ آهن.

برطانوي نشرياتي اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هو ملڪ ۾ رڳو چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿو، ان لاءِ ڪنهن سان به ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي، کيس نه بيساکين جي ضرورت آهي، مون نه آرمي چيف ۽ نه ئي شهباز شريف کي ڳالهين جي دعوت ڏني.

عمران خان چيو ته ڪو بيان آهي ته مان آرمي چيف سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو، مون کي اسٽيبلشمينٽ جي ضرورت ناهي، ملڪ جو عوام پارٽيءَ سان گڏ آهي، اسان کي بيساکين جي ضرورت ناهي، مان سياسي ماڻهو هئڻ ڪري چور کان سواءِ سڀني سان ڳالهائيندس.

عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي رويي سان اسان کي ڪو به فرق نه پيو. جنرل باجوه جي دور ۾ اسان تي ڪيس هليا، حراست دوران بزرگن تي ڪڏهن به تشدد نه ٿيو آهي، مون سوچيو هو ته نئين چيف جي اچڻ سان ڪا تبديلي ايندي، پر مشڪلاتون اڳ کان به وڌي ويون آهن.

عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، صدر به اعلان ڪيو آهي، پر جڏهن اسان چونڊ ريلي ڪندا آهيون ته پوليس ايندي آهي، گاڏيون ٽوڙي ڇڏيون، واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو ۽ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.

هن چيو ته نگران حڪومت جو ڪم چونڊون ڪرائڻ آهي، اهي ڪيئن روڪي سگهن ٿا؟ جيڪڏهن اليڪشن ٿيڻي آهي ته چونڊ مهم ۽ جلسن کانسواءِ اليڪشن ڪيئن ٿي سگهندي؟

ان کان اڳ هڪ پرڏيهي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته حڪومت چونڊون ڪرائڻ نٿي چاهي، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ 37 مان 30 ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پي ٽي آءِ ملڪ جي تاريخ جي مقبول ترين پارٽي آهي ۽ ان جي مقبوليت کان ڊڄندي حڪومت ۽ ان جا حامي مون کي نااهل يا گرفتار ڪرڻ چاهين ٿا.

عمران خان وڌيڪ چيو ته منهنجي جان کي خطرو آهي، ڇو ته جن ماڻهن مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي اقتدار ۾ آهن، سوال اهو آهي ته انهن حالتن ۾ مان چونڊ مهم ڪيئن هلائيندس ۽ عدالتن ۾ ڪيئن پيش ٿي سگهان ٿو؟ ٽي ڀيرا عدالتن ۾ پيش ٿيس پر بدقسمتي سان سيڪيورٽي جو ڪو به انتظام نه هو.

Read Previous

آڱرين تي ڳڻڻ جيترا عنصر بلوچ عوام جي عزم کي ختم نٿا ڪري سگهن، آرمي چيف

Read Next

پاڪستاني رپئي کي ڌڪ، ڊالر وڌيڪ 3 رپيا 88 پئسا مهانگو

Most Popular