بلوچستان هاءِ ڪورٽ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا

عمران خان

بلوچستان هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا گرفتاري وارنٽ 2 هفتن لاءِ معطل ڪري ڇڏيا، جنهن کان اڳ ڪوئيٽا پوليس کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ لاهور پهچي وئي هئي.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظهير الدين ڪاڪڙ عمران خان طرفان انصاف لائرز فورم جي اقبال شاهه جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ چيو ويو ته بجلي ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهه ناهي ٿيو، ان ڪري ايف آءِ آر ختم ڪئي وڃي.

ڪوئيٽا جي مقامي عدالت پاڪستان پينل ڪوڊ ۽ اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ 2016 جي مختلف شقن تحت داخل ڪيس ۾ عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.

اڄ ڪوئيٽا پوليس جي ٽيم پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ لاهور پهتي، جنهن مقامي پوليس کي عمران خان جي گرفتاري ۾ مدد ڪرڻ جي درخواست ڪئي.

Read Previous

زارا نور عباس، هارون ڪدواني، حارث وحيد ۽ سدرا نيازي نئين ڊرامي ۾ گڏ نظر ايندا

Read Next

پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون ڪارروايون، پابندي مڙهيل تنظيمن جا 12 دهشت گرد گرفتار

Most Popular