آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ بهتري

امريڪي ڊالر

ڪراچي: انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.

واپار دوران انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ مقامي ڪرنسي 1.53 يا 0.54 سيڪڙو وڌي وئي، بند ٿيڻ تي رپيو 280.77 رپيا تي بند ٿيو.

هڪ ڏينهن اڳ، آءِ ايم ايف سان قرض جي معاهدي ۾ وڌيڪ دير ٿيڻ سبب ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو 3 رپيا 18 پئسا گهٽجي 282 رپيا 30 پئسا تي بند ٿي ويو.

ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسي ايشن آف پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري ظفر پراچا جو چوڻ هو ته ڊالر جي سپلائي وڌي وئي آهي، جنهن سبب طلب ۽ رسد برابر ٿي وئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اڄ امپورٽ جي گهرج گهڻي ناهي پر رسد ۽ ايڪسپورٽ آمدني وڌي وئي آهي ۽ ماڻهو پنهنجون ادائگيون ڪيش ڪري رهيا آهن جيڪو هڪ مثبت رجحان آهي.

Read Previous

سکر ۾ مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست خارج

Read Next

حڪومت, بجلي صارفين تي 76 ارب جو اضافي بار وجهي ڇڏيو

Most Popular