بابر اعظم ۽ رضوان افغانستان خلاف سيريز کيڏڻ جو اعلان

بابر اعظم

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان افغانستان خلاف سيريز ۾ آرام جي آڇ رد ڪندي چيو آهي ته سيريز کيڏڻ چاهين ٿا.

ذريعن موجب ٻنهي جو چوڻ آهي ته هو پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن ۽ کين آرام جي ضرورت ناهي.

ميڊيا پاران ٻڌايو ويو ته پي سي بي ٻنهي کي 3 ميچن جي سيريز لاءِ آرام ڏيڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي ۽ شاهين شاهه آفريدي کي قائم مقام ڪپتان بڻائڻ جو امڪان آهي.

اهي به خبرون هيون ته پي ايس ايل ۾ پرفارمنس جي بنياد تي سيريز لاءِ سعيم ايوب، اعظم خان ۽ احسان الله جهڙن نوجوان رانديگرن کي چونڊيو ويندو.

بابر اعظم ۽ محمد رضوان ٽي 20 رينڪنگ ۾ پاڪستان جا ٽاپ رينڪنگ بيٽسمين آهن ۽ پي ايس ايل ۾ هن وقت تائين ٽاپ اسڪورر به آهن.

ذريعن موجب ٻنهي جو خيال آهي ته جيڪڏهن کين آرام ڏنو ويو ته ان سان ٽيم جي اتحاد تي اثر پئجي سگهي ٿو.

افغانستان خلاف ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.

Read Previous

مقبول ڊرامي ”تيري بن“ جي ڪاميابيءَ پٺيان ڪهڙو راز لڪل آهي؟

Read Next

پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏنو ويو

Most Popular