پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏنو ويو

علي امين گنڊاپور

اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

سيشن ڪورٽ جي جج رانا مجاهد رحيم تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف قلم 144 جي ڀڃڪڙي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ گنڊاپور جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

عدالت پراسيڪيوشن ۽ بچاءَ جي وڪيل قسين مفتي جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جو اڳواڻ راجا خرم نواز عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته عدالت علي نواز اعواڻ جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.

عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

بابر اعظم ۽ رضوان افغانستان خلاف سيريز کيڏڻ جو اعلان

Read Next

ڪورنگي ۾ روڊ جي ڪناري تي بيٺل ڪار مان 10 ورهين جي ٻارڙي جو لاش هٿ

Most Popular