پي ٽي آءِ ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري ارسلان تاج گرفتار

ارسلان تاج

ڪراچي: پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي جنرل سيڪريٽري ارسلان تاج کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

پي ٽي آءِ ڪراچي جي ترجمان موجب ارسلان تاج کي سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو آهي.

ترجمان موجب پوليس جون 3 گاڏيون ارسلان تاج جي گهر پهتيون، سادن ڪپڙن ۾ پوليس اهلڪار گهر ۾ داخل ٿيا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي.

پي ٽي آءِ ترجمان ارسلان تاج جي گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته ان حوالي سان سنڌ حڪومت يا پوليس طرفان ڪوبه ردعمل سامهون نه آيو آهي.

Read Previous

ايران ۽ سعودي عرب چين سان نئين دور جي شروعات جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Read Next

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي اڳواڻيءَ ۾ اڄ لاهور ۾ ريلي ڪڍي ويندي

Most Popular