پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي اڳواڻيءَ ۾ اڄ لاهور ۾ ريلي ڪڍي ويندي

پي ٽي آءِ ريلي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي اڳواڻي ۾ اڄ لاهور ۾ ريلي ڪڍي ويندي، شاهه محمود چيو ته مريم نواز کي سڀ ڪجهه ڪرڻ جي اجازت آهي ۽ اسان کي آئيني ۽ قانوني حقن کان روڪيو پيو وڃي، اهو کليل تضاد آهي.

پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ شاهه محمود قريشي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ پرامن ريلي نڪرندي، جنهن جي اڳواڻي عمران خان ڪندو.

هن چيو ته حڪومت لاش اڇلائي چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهي ٿي، نگران وڏي وزير کي چوڻ گهرجي ته هو پي ڊي ايم جو وڏو وزير آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته انتظاميا اڄ ٻيهر 144 لاڳو ڪيو آهي، جنهن جو ڪو به جواز ناهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي وڪيلن جي ٽيم ذريعي 144 ختم ڪرڻ جي درخواست ڪنداسين.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته بابر اعواڻ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل به ڪندو ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر سان به ملاقات ڪندو، هن ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته 2 وڳي کان اڳ زمان پارڪ پهچي پرامن رهن ۽ قانون هٿ ۾ نه وٺن.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪندي چيو ته انهن ماڻهن زندگي ۾ ڪا به اليڪشن ناهي وڙهي، اهي رڳو سازشون ڪري ويٺا آهن.

هن اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب حڪومت پاران قلم 144 لاڳو ڪرڻ واري عمل کي ڪالعدم ڪيو وڃي، ان ڪري ريلي پروگرام مطابق نڪرندي.

Read Previous

پي ٽي آءِ ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري ارسلان تاج گرفتار

Read Next

پنجاب حڪومت لاهور ۾ رينجرز طلب ڪري ورتي

Most Popular