عمران خان جي امڪاني گرفتاري خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج

پي ٽي آءِ احتجاج

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي امڪاني گرفتاري خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

لاهور جي زمان پارڪ ۾ عمران خان جي رهائشگاهه ٻاهران ڪارڪنن سخت رد عمل ظاهر ڪيو، جنهن دوران ڪيتريون ئي گرفتاريون پڻ عمل ۾ اچي چڪيون آهن.

تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پڻ سخت احتجاج ڪري ٽريفڪ بلاڪ ڪري ڇڏي، جنهن سبب شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.

ڪراچي جي قيوم آباد، ڪياماڙي، دائود چورنگي، لياري نيٽي جيٽي، حب ريور روڊ، باچاخان چوڪ بنارس، بورڊ آفيس، 4 ڪي چورنگي، راشد منهاس روڊ، سهراب گوڙ، شاهين ڪمپليڪس کانسواءِ ٽنڊو الهيار ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي.

پشاور ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ۽ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي، جنهن کانپوءِ هو اسيمبلي چوڪ ڏانهن مارچ ڪيو.

مري ۾ اڳوڻي ايم اين اي صداقت عباسي جي اڳواڻي ۾ جي پي او چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو، مظاهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي مرڪزي شاهراهه بلاڪ ڪري ڇڏيو.

راولپنڊي مري ايڪسپريس هاءِ وي تان ٽريفڪ بلاڪ ٿيڻ سبب سياحن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، پوليس جي پهچڻ تي پي ٽي آءِ ڪارڪن ڇڙوڇڙ ٿي ويا.

گوجرانوالا ۾ مين چوڪ، لڪي مروت ۾ انڊس هاءِ وي گنڊي چوڪ وٽ بند ٿي وئي، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

Read Previous

بنگلاديش آخري ٽي-20 ميچ به کٽي انگلينڊ کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

Read Next

وزيراعظم آءِ ايم ايف معاهدي سان غريب عوام تي وڌيڪ بار پوڻ کان خبردار ڪري ڇڏيو

Most Popular