بنگلاديش آخري ٽي-20 ميچ به کٽي انگلينڊ کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

bangladesh

بنگلاديش انگلينڊ کي آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 16 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 3-0 تان کٽي ورتي.

159 رنسن جي ٽارگيٽ جو پيڇو ڪندي انگلينڊ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 100 رنسون ٺاهي ورتيون، جڏهن ته جوس بٽلر ۽ ڊيوڊ مولن ٻي وڪيٽ لاءِ 95 رنسون ٺاهيون.

بنگلاديش جوابي مقابلو ڪيو جڏهن 14هين اوور ۾ لڳاتار هڪ اوور ۾ ٻئي وڪيٽون ڪري پيون.

انگلينڊ جي مڊل آرڊر تي دٻاءُ وڌي ويو ۽ هنن 35 بالن ۾ 28 رنسون ٺاهي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 142 رنسون ٺاهيون.

بنگلاديش اوپنر لٽن داس 57 بالن تي 73 ۽ نجم الحسن جي 36 بالن تي 47 رنسن عيوض ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسون ٺاهيون.

بين ڊڪٽ اوپنر لٽن داس کي 51 رنسن تي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته ريحان احمد 17 رنسن تي روني تالڪدار کي آئوٽ ڪيو.

انگلينڊ بنگلاديش جي اسڪور کي آخري 5 اوورن ۾ صرف 27 رنسن تائين محدود ڪري ڇڏيو، جڏهن سيم ڪرن ۽ ڪرس جورڊن بنگلاديش جو اسڪور ڪرڻ کان روڪيو.

پهرين اوور ۾ فل سالٽ کي ٻڙي تي وڃائڻ باوجود، ملان ۽ بٽلر سست پچ تي شاندار جوابي حملي جي اڳواڻي ڪئي.

Read Previous

مون کي ماريو يا جيل ۾ وڌو ويو ته عوام کي جدوجهد جاري رکڻي آهي،عمران خان

Read Next

عمران خان جي امڪاني گرفتاري خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج

Most Popular