سلمان خان کي سڌو موسيوالا جي قتل ۾ گرفتار لارنس بشنوئي جي ٻڌي ڌمڪي

Salman khan

ڀارتي ڳائڻي سڌو موسيوالا جي قتل جي سازش ۾ گرفتار لارنس بشنوئي جيل مان بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي هڪ ٻي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

لارنس بشنوئي مبينا طور تي ڌمڪي ڏني آهي ته سندس برادري سلمان خان سان ڪاري هرڻ کي مارڻ واري ڪيس تي ناراض آهي، ڇاڪاڻ ته هن انهن کي شرمسار ڪيو آهي.

پنهنجي بيان ۾ بشنوئي چيو ته سلمان خان تي ڪاري هرڻ مارڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو پر هن معافي نه گهري، جيڪڏهن هن اڃا به معافي نه گهري ته نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار رهي.

رپورٽن مطابق لارنس بشنوئي سلمان خان تي زور ڀريو ته هو پنهنجي مذهبي گرو جمبيشور (جمبوجي) جي مندر ۾ وڃي معافي گهري، جيڪڏهن اسان جي برادري کيس معاف ڪري ڇڏي ٿي ته مان کيس نقصان نه پهچائيندس.

اهو پهريون ڀيرو ناهي، جڏهن لارنس بشنوئي سلمان خان کي ڌمڪيون ڏنيون هجن، ان کان اڳ به هن بالي ووڊ اداڪار کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.

سلمان خان ڪيس 1998ع کان هلي رهيو آهي، جڏهن مٿس فلم ”هم ساٿ ساٿ هين“ جي شوٽنگ دوران راجسٿان جي هڪ ڳوٺ ۾ ٻن ناياب ڪارن هرڻن جي شڪار جو الزام لڳايو ويو هو.

Read Previous

اداڪاره منشا پاشا جو مشهور شخصيتن کي جهيڙن کان پاسو ڪرڻ جو مشورو

Read Next

توشه خانه فوجداري ڪيس: عمران خان جي درخواست رد، ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار

Most Popular