توشه خانه فوجداري ڪيس: عمران خان جي درخواست رد، ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار

اسلام آباد: اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکي ڇڏيا ۽ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال محفوظ فيصلو ٻڌايو، ايڊيشنل سيشن جج رمارڪس ڏيندي چيو ته تفصيلي فيصلي ۾ سڀ ڪجهه لکي چڪو آهيان ته ڪهڙا وارنٽ جاري ڪيا ويا ۽ ڪڏهن جاري ٿيا، اميد آهي ته فيصلو پڙهي توهان کي مزو ايندو.

عدالت طرفان جاري ڪيل تفصيلي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي، درخواستگذار لاهور ۾ امن امان جي صورتحال پيدا ڪئي، اهڙو رويو عدالت کي ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي، اهڙي صورتحال کانپوءِ عمران خان ڪنهن به عام قانوني رليف جو حقدار ناهي، عدالتي ڪارروائي جي ڀڃڪڙي تي کيس ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻو پوندو.

لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته قانون سماج جي سڀني طبقن لاءِ برابر آهي، مضبوط ۽ ڪمزور، اهو مذاق ناهي ته قومي خزاني کي ايترو وڏو نقصان پهچڻ کانپوءِ انڊر ٽيڪنگ ڏني وڃي، لاهور ۾ قومي خزاني، ملڪيتن ۽ عوام کي نقصان پهچايو ويو. عمران خان جي اهڙي رويي ۽ عمل کانپوءِ رڳو ضمانت تي وارنٽ رد نه ٿا ٿي سگهن.

فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته عمران خان رياست جي رٽ ۽ تقدس کي چيلينج ڪيو، پوليس جي فرضن جي ڪارڪردگيءَ ۾ رڪاوٽ وجهڻ لاءِ طاقت جو وحشياڻو استعمال ڪيو ويو، اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کانپوءِ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ جو حق ناهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي حامين ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪيو ۽ پوليس جون گاڏيون ساڙي ڇڏيون.

عدالتي فيصلي ۾ لکيو ويو ته عمران خان تحريڪ انصاف جو چيئرمين آهي، سندس پوئلڳن پوليس جي گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد ۾ رنڊڪون وڌيون، عمران خان جي رويي ۽ عمل تي غريب قوم جا ڪروڙين رپيا خرچ ٿيا. عدالت طلبي باوجود مسلسل پيش نه ٿيڻ تي جوابدار جا وارنٽ جاري ڪندي آهي.

فيصلي ۾ لکيو ويو ته عدالت پوليس کي حڪم ڏئي ٿي ته جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ ڪرڻ تي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي، گرفتاري وارنٽ ان وقت رد ڪيا وڃن ٿا جڏهن جوابدار عدالت ۾ پيش ٿئي ٿو،

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالت عمران خان جي 4 ڀيرا ذاتي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي.

Read Previous

سلمان خان کي سڌو موسيوالا جي قتل ۾ گرفتار لارنس بشنوئي جي ٻڌي ڌمڪي

Read Next

سنڌ ۾ وفاق جي جاري منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو: شهباز شريف

Most Popular