مٽياري ضلعي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون، 14 گرفتار

مٽياري شھر ۽ آس پاس منشيات فروشن ڊيلرن خلاف ايس ايڇ او ذوالفقار اوڍاڻو پنهنجي نفري سان مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 14 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

مختلف ٿاڻن تي 12 ڪيسن ۾ گهربل جوابدار شڪيل ولد هاشم خاصخيلي، پيرل کوسو ۽ مجيب عرف بابو چنڊ کي مٽياري شهر مان گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب بدرالدين ولد نورالدين خاصخيلي، رضا خاصخيلي ۽ فرحان عرف مولو ولد عنايت ميمڻ هالا مان گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب منٺار ولد محمد ماڇي هالا پراڻا، حاڪم علي شھوک کيبراڻي، علي رضا ڀٽي، خالد راجپوت، محمد رضوان ۽ رجب علي کي سعيدآباد مان گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب منشيات فرشن کان 280 گرام چرس ، 1170 مين پڙيون ۽ 6225 عدد گهٽڪا برآمد ٿيا آھن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

سجاول ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، فائنل ۾ ڪنگ خليفه هٿان چانڊيا اليون کي شڪست

Read Next

آءِ جي سنڌ پاران منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون جي هدايت

Most Popular