ڪپل شرما پنهنجي ساٿين جي شو ڇڏڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڪپل شرما

ممبئي: ڀارت جي مقبول ترين ڪاميڊي شو جي ميزبان ڪپل شرما پنهنجي پراڻي ساٿين جي شو ڇڏڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.

ڪپل شرما تازو ئي پنهنجي نئين فلم ”زوگاتو“ جي پروموشن لاءِ هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي ميزبان کانئس سندس مزاحيه شو جي باري ۾ افواهن تي ڪپل جي موقف بابت سوال ڪيو ته هو هڪ اناپرست ۽ غير محفوظ ماڻهو آهي.

ميزبان پڇندو رهيو ته ڇا توهان ٻين جي ڪاميابي کي برداشت نه ٿا ڪري سگهو، ان ڪري توهان پنهنجي ساٿي اسٽارز کي شو مان ڪڍي ڇڏيو، جنهن جي جواب ۾ ڪپل شرما اعتراف ڪيو ته اڳ هو مختصر مزاج شخصيت وارو هو پر هاڻي سندس حالت بهتر ٿي وئي آهي.

ڪپل شرما جو چوڻ هو ته مان ڪڏهن به ڪنهن سان به غير محفوظ محسوس نه ڪيو آهي، پر مون پنهنجي شو ۾ اهڙن ماڻهن کي آندو آهي، جن کي مان پسند ڪيو يا پسند ڪندو آهيان.

هن چيو ته مان هڪ جذباتي ماڻهو هئس، سٺي ڪم کي ساراهيان ٿو ۽ جڏهن ناراض ٿيان ٿو ته پاڻ تي ڪنٽرول ڪري ناهيان سگهندو پر هاڻي مان بدلجي ويو آهيان.

هن چيو ته ماڻهو چون ٿا ته منهنجا دشمن آهن، مون دشمني ڪئي آهي، پر ائين ناهي، جيڪڏهن ماڻهو مون کي وڏائيءَ وارو چون ٿا ته توهان انهن ماڻهن (فنڪارن) کان پڇو ته مون سان ڪم ڇو نٿا ڪرڻ چاهيو. ؟

ڪپل شرما چيو ته ها! سنيل ۽ مون ۾ جهيڙو ٿي چڪو هو، پر پوءِ به منهنجو انهن سڀني سان سٺو تعلق ٿي ويو آهي.

ڪپل شرما جا سنيل گروور سان 2017 ۾ خراب لاڳاپا هئا، جنهن کانپوءِ سنيل پنهنجو شو ڇڏي ڏنو، بعد ۾ علي اصغر ۽ ڪرشنا اڀيشڪ به پئسي ۽ پروڊڪشن جي مسئلن سبب شو کي الوداع چئي ڇڏيو.

Read Previous

پاڪستان ۾ 2023 جو پهريون پوليو ڪيس ڪي پي ڪي ۾ سامهون اچي ويو

Read Next

خواجا سعد پي ٽي آءِ سربراهه کي پاڪستان جو آر ايس ايس قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular