وزيراعظم شهباز شريف عليم ڊار جي شاندار خدمتن کي ساراهيو

وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ امپائر عليم ڊار جي قيمتي خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان کي مٿس فخر آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان امپائر عليم ڊار جو شڪريو ادا ڪريان ٿو, جنهن عالمي ڪرڪيٽ لاءِ قيمتي خدمتن بعد آءِ سي سي ايلٽ پينل آف امپائرز تان استعيفيٰ ڏني.

هن چيو ته راند جي سمورن فارميٽ ۾ سندس بي مثال امپائرنگ کيس ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ساراهيو آهي، پاڪستان کي مٿس فخر آهي.

54 سالن جي عليم ڊار 435 ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي 20 ۾ امپائرنگ ڪئي آهي، جنهن ۾ چار ورلڊ ڪپ فائنل به شامل آهن.

عليم ڊار پنهنجي ڊگهي ڪيريئر ۾ رڪارڊ انگ ۾ امپائرنگ ڪرڻ کانپوءِ آءِ سي سي جي ايليٽ پينل آف امپائرز تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

عليم ڊار هڪ بين الاقوامي طور تي مشهور امپائر آهي، هن پنهنجي ڊگهي ۽ ممتاز ڪيريئر ۾ 435 مردن جي بين الاقوامي ميچن ۾ امپائرنگ ڪئي.

هن 2000 ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪيو ۽ ٻن سالن بعد آئي سي سي انٽرنيشنل پينل آف امپائرز ۾ شامل ٿيو، 2004 ۾ پهريون پاڪستاني بڻجي ويو، جيڪو آءِ سي سي ايلٽ پينل آف امپائرز ۾ شامل ٿيو.

Read Previous

آءِ سي سي روسي صدر پيوٽن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

Read Next

پي ايس ايل 8 جو فائنل اڄ لاهور قلندرز ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ کيڏيو ويندو

Most Popular