بنگلاديش ۾ مسافر بس کاهي ۾ ڪري پئي، 19 ڄڻا فوت، 25 زخمي

بنگلاديش

بنگلاديش ۾ آچر جي صبح هڪ بس کاهي ۾ ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا فوت ۽ 25 زخمي ٿي پيا، ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.

ڍاڪا ويندڙ بس سان انهيءَ وقت خوفناڪ حادثو پيش آيو، جڏهن ٽائر ڦاٽي پيو ۽ ڊرائيور گاڏي تان ڪنٽرول وڃائي ويٺو.

واقعي جا اصل سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي، حادثو مقامي وقت مطابق 7:30 تي ٿيو، بس ۾ 40 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا.

اطلاع تي پوليس ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي فوتين ۽ زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو.

Read Previous

مريم نواز پاران ڪارڪنن جي تشدد واري رويي جو ذميوار عمران خان قرار

Read Next

يوڪرين جنگ: صدر پيوٽن پاران قبضو ڪيل ماريپول جو اوچتو دورو

Most Popular