مريم نواز پاران ڪارڪنن جي تشدد واري رويي جو ذميوار عمران خان قرار

مريم نواز

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي پرتشدد رويي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

مريم نواز سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ فساد برپا ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.

هن پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي دهشتگرد ۽ شرپسند قرار ڏيندي لکيو ته وڊيوز کي ويجهي کان ڏسڻ کانپوءِ حقيقت کي نظر انداز ڪرڻ ڏکيو آهي، هي سياسي ڪارڪن نه آهن.

اهي تربيت يافته دهشتگرد ۽ شرپسند آهن، جيڪي پابندي مڙهيل تنظيمن مان ڀرتي ڪيا ويا آهن، جن جي عمران خان هميشه حمايت ڪئي آهي، هن چيو ثبوت پاڻ لاءِ ڳالهائيندو آهي.

هن اپيل ڪئي ته رياست ڪارروائي ڪري ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي.

Read Previous

وزيراعظم پاران پي ايس ايل 8 کي ڪامياب بڻائڻ تي واکاڻ

Read Next

بنگلاديش ۾ مسافر بس کاهي ۾ ڪري پئي، 19 ڄڻا فوت، 25 زخمي

Most Popular