عمران خان ڏنڊا بردار فورس ٺاهي ڇڏي آهي، سعيد غني

Saeed ghani

ڪراچي (رپورٽر) ليبر کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته عمران خان ڏنڊا بردار فورس ٺاهي ڇڏي آهي، عدالتن ۽ پوليس تي حملن جو ماضيءَ ۾ مثال نٿو ملي.

پنهنجي وڊيو بيان ۾ سعيد غني چيو ته ملڪ جو صدر جنھن قسم جا بيان ڏئي پيو، ان سان خطرناڪ روايتون جنم وٺن پيون، سندس پٽ جنهن طريقي سان سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج ۽ ادارن خلاف مهم کي ليڊ ڪري رهيو آهي، اهو قابل قبول ناهي.

هن چيو ته عمران خان سياسي پارٽي جو سربراهه ۽ بدقسمتي سان اڳوڻو وزيراعظم پڻ آهي، پنهنجي ڪارڪنن کي ڀڙڪائي رهيو آهي، هي ماڻهو جنهن طرح عدالتن ۽ پوليس تي حملا ڪن ٿا، ان جو مثال ماضي ۾ نه ٿو ملي.

سعيد غني چيو ته عمران خان جنهن انداز ۾ عدالتن آڏو پيش ٿي رهيو آهي، ان جو به ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي، عدالتون به کيس خوشيءَ خوشي سان برداشت ڪن پيون، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ پوليس تي هٿياربند ماڻھن حملا ڪيا.

صوبائي وزير چيو ته عمران خان هڪ ڏنڊيدار فورس ٺاهي ڇڏي، پوليس تي پيٽرول بمن ۽ گليلن سان حملا ڪيا، پوليس جي درجن گاڏين کي باهه ڏني، عام ماڻهن جي موٽر سائيڪلن کي ساڙيو، ان کانپوءِ به عدالتن جو ڪو خوف ناهي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ عمران خان کي اسلام آباد اچڻ جي اجازت ڏني هئي، انھن حڪمن جي به ڀڃڪڙي ڪئي وئي، جاچ ۾ سندس خلاف رپورٽون آيون، پر ان باوجود سپريم ڪورٽ اڄ تائين ڪجهه ناهي ڪيو.

سعيد غني چيو ته عدالتون عمران خان کي اهڙي دهشتگرديءَ تي ڇوٽ ڏينديون رهيون ته سندس حوصلا وڌي ويندا، جيڪڏهن ائين ئي فيصلا ٿيندا رهيا ته بدقسمتي سان عدالتن تي عوام جو اعتماد مجروح ٿيندو.

Read Previous

يوٽيوب ڊونلڊ ٽرمپ جو چينل بحال ڪري ڇڏيو

Read Next

ڏهرڪي پوليس پاران پنجاب واسي اغوا ٿيل 9 فنڪار بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

Most Popular