گڏيل قومن عالمي پاڻي جي حد کان وڌيڪ استعمال خلاف خبردار ڪري ڇڏيو

گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته عالمي سطح تي پاڻي جو بحران پيدا ٿي رهيو آهي ۽ پاڻي جي وڌيڪ استعمال ۽ موسمياتي تبديلين سبب پاڻي جي کوٽ جو خطرو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دنيا پاڻي وڌيڪ واپرائڻ جي خطرناڪ رستي تي تيزيءَ سان سفر ڪري رهي آهي، اهو 1977 کان وٺي گڏيل قومن جي پاڻي بابت اجلاس کان اڳ پهريون ڀيرو شايع ڪيو ويو.

اربع تي نيويارڪ ۾ شروع ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري اجلاس ۾ هزارين نمائندا شرڪت ڪندا.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته پاڻي جو غير مستحڪم استعمال، گدلاڻ ۽ گلوبل وارمنگ انسانيت جو قتلام ڪري رهيا آهن.

Read Previous

مصنوعي ذهانت ڏهاڪن ۾ سڀ کان اهم ٽيڪنالاجي ترقي آهي، بل گيٽس

Read Next

عمران خان مينار پاڪستان جي پاور شو کي تشدد خلاف ريفرنڊم قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular