سلمان خان ۽ شاهه رخ خان هڪ ڀيرو ٻيهر ٽائيگر 3 ۾ اسڪرين تي نظر ايندا

زينت امان

پٺاڻ فلم ۾ شاهه رخ خان ۽ سلمان خان جي سيڪوئنس لاءِ مداح واجهائي به رهيا هئا ته حوصلو به وڌائي رهيا هئا.

ٽائيگر 3 ۾ شاهه رخ خان جي ڪيميو جي اعلان مداحن کي هڪ ڀيرو ٻيهر جادوءَ جو تجربو ڪرڻ لاءِ بي صبري سان انتظار ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

بالي ووڊ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت هڪ تمام وڏو سيٽ ٺهڻ واري عمل ۾ آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 45 ڏينهن لڳندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سلمان خان ۽ شاهه رخ خان هڪ ڀيرو ٻيهر ٽائيگر 3 ۾ اسڪرين تي نظر ايندا ۽ اديتا چوپڙا ۽ هدايتڪار منيش شرما ان کي فلم جو سڀ کان وڏو سرپرائز بڻائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي.

وائي آر ايف خاموشيءَ سان هڪ وڏي سيٽ جي اڏاوت شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي ٺاهڻ ۾ لڳ ڀڳ 45 ڏينهن لڳندا، جنهن تي سلمان ۽ شاهه رخ خان دل کي ڇهندڙ ايڪشن ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

ٽائيگر 3 ۾ پڻ ڪترينا ڪيف مرڪزي ڪردار ۾ آهي جڏهن ته عمران هاشمي ولن جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

Read Previous

زينت امان لنڊن جي يادگار گهٽيءَ ۾ گهمڻ دوران پراڻين يادن ۾ گم ٿي وئي

Read Next

ڪرينا ۽ سيف علي خان ٻنهي پٽن سميت ڏکڻ آفريڪا ۾ موڪلون گذاري واپس روانا

Most Popular